چندن گڍ

چندن گڍ: پارڪر جي راڻي چندن سنگهه دشمن کان بچاءَ لاءِ ڪارونجهر جبل ۾ هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن کي سندس نالي پٺيان ’چندن گڍ‘ سڏجي ٿو. راجپوت هن قلعي ۾ ويهي دشمن سان مقابلو ڪندا هئا. 1859ع ۾ روپلي ڪولهيءَ ۽ تروٽ واري لڙائيءَ وقت ڏيسا جي فوج، ميجر ڪئليءَ جي ڪمان هتي پهتي هئي ۽ توبن سان 3 مئي 1859ع تي ’چندن گڍ‘ کي اڏائي ڇڏيو. چندن گڍ اڄ ڏينهن تائين ڊٺل حالت ۾ موجود آهي ۽ تاريخ جي حقيقت جو اهڃاڻ بڻيل آهي ته هتي روپلي ڪولهي ۽ راڻي چندن، انگريزن کي 1859ع تائين سنڌ جي هن حصي تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو، جڏهن ته هو باقي سنڌ تي 1843ع ۾ قابض ٿي چڪا هئا.


لفظ چندن گڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو